تيجواڻي ڪمار

تيجواڻي ڪمار: تيجواڻي خاندان جو فرد، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ صحافي، ڪرم چند ڪوٽو مل ’ڪمار‘ تيجواڻي، خانواهڻ شهر، تعلقي ڪنڊياري، (ضلعي نوابشاهه/نوشهري فيروز) ۾، 15 آگسٽ 1937ع تي جنم ورتو. هن جون تحريرون جهولي لعل، اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا آهن پر سندس پنهنجو ڪتاب اڃا شايع نه ٿي سگهيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ والدين سان گڏ ڪلياڻ ڪئمپ ۾ وڃي رهيو جيڪو هن وقت الهاس ننگر/ سنڌو نگر نالي سان هڪ سنڌين جو هڪ وڏو مرڪزي شهر بڻجي ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو